انور هالائي

انور هالائي

انور هالائي

انور هالائي: محمد شفيع ولد احمد خان ابڙو ”شيدا“، 15 ڊسمبر 1925ع تي هالا ۾ ڄائو. سنڌي ٻوليءَ جو سٺو شاعر هو. شاعريءَ جي اصلاح انجم هالائيءَ ۽ اختر هالائيءَ کان وٺندو هو. انهن جي ئي صحبت ۾ ”انور هالائي“ طور سڃاتو ويو. بزم طالب الموليٰ سنڌ جي سيڪريٽري جنرل جي حيثيت سان زندگيءَ جو وڏو حصو، ادبي خدمتن ۾ گذاريائين. سنڌي ادبي بورڊ جي ٻارن جي رسالي ”گل ڦل“ جو ڪيترا سال ايڊيٽر رهيو. سندس شاعريءَ جو مجموعو ”چنڊ جون ڪلائونسنڌي ادبي بورڊ پاران ڇپيل آهي. سنڌ گرئجوئيٽس ائسوسيئيشن، هن جو ترتيب ڏنل ڪتاب ”ٻارن جو شاهه“ پڻ ڇپايو آهي، جنهن ۾ هن ٻارن جي سمجهه وارا شاهه جا بيت شامل ڪيا هئا. هن ڪتاب جو پيش لفظ محمد ابراهيم جويي جو لکيل آهي. انور هالائي، 12 جنوري 1994ع تي دل جي دؤري سبب وفات ڪري ويو.


لفظ انور هالائيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1925.12.15  عيسوي

انور هالائي: محمد شفيع ولد احمد خان ابڙو ” شيدا “ ، 15 ڊسمبر 1925ع تي هالا ۾ ڄائو


1994.01.12  عيسوي

انور هالائي ، 12 جنوري 1994ع تي دل جي دؤري سبب وفات ڪري ويو



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

اسلم علوي اسلم
رفيق امروٽي
خواجه نظام الدين مجددي شڪارپوري
ٽالپر ڪرم
عبدالله عبد انصاري
سرلا ديوي ڊاڪٽر
امر پيرزادو
آفاق صديقي
بسمل ٽکڙائي
سوز هالائي
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون